جنين لوهه لڱن ۾

جنين لوهه لڱن ۾

جنين لوهه لڱن ۾

جنين لوهه لڱن ۾ (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب الجزائر جي صحافي علي هينريءَ جي جيل ڊائريءَ تي مشتمل آهي. جنهن جو ترجمو يوسف سنڌيءَ ڪري ڇپايو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ تشدد ۽ ايذاءَ ڏيڻ جا طريقا پوري تفصيل سان بيان ڪيا آهن. علي هينري فرينچ هوندي به الجزائر جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي هم قوم حڪمرانن خلاف وڙهيو. نتيجي ۾ جيڪي ڪجهه ڀوڳيائين، سو سڀ هن ڊائريءَ ۾ ڄاڻايو اٿس. هو لکي ٿو ته: هنن لفظن پڙهڻ مهل اوهين انهن ماڻهن بابت ضرور سوچيندا هوندا، جيڪي گم ٿي ويا آهن، جن کي پنهنجي آزادي ماڻڻ جو يقين هو ۽ جيڪي هن گهڙيءَ به بي ڊپا ٿي پنهنجي موت جي اوسيئڙي ۾ آهن. انهن بابت، جيڪي ٽياس تي ٽنگيا ويا آهن، انهن جي باري ۾ جيڪي نفرت ۽ تشدد جي باوجود به فرينچ ۽ الجزائري ماڻهن جي وچ ۾ امن ۽ دوستيءَ تي يقين رکن ٿا، ڇو ته هيءُ ڪتاب انهن مان هر هڪ جي ڪهاڻي به ٿي سگهي ٿو. 74 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 13 روپيا آهي، جنهن کي 1990ع ڌاري سچائي اشاعت گهر دڙي پاران شايع ڪرايو ويو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو